اسلام آ??اد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاو?? تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اه?? خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اه??يت جي مسئل?? تي پا??ستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اه?? فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪندي.