اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، ماضي جي حڪومت ص??اف??ن تي بي شمار ۽ بي بنياد ڪيس قائم ڪيا، اسان ڪنهن ص??اف?? جي خلاف انتقامي رويو ناهي رکيو. هو جهنگ پريس ڪلب ۽ جهنگ يونين آف جر??لسٽس جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 4 سالن ۾ ص??اف??ن سان ڪيل زيادتين جو هڪ سال ۾ ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ص??اف??ن، ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ص??اف??ن جون پيشيواراڻيون صلاحيتون وڌائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت ٽريننگ پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته چار سالن جو ڪارو دور ختم ٿي چڪو آهي جتي پروگرام، ڪالم ۽ چينل بند ڪيا ويندا هئا. هن چيو اميد ڪريون ٿا ته جهنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت اتان جي ص??اف??ن جي ڀلائي لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. ان کان اڳ اطلاعات واري وزير جهنگ پريس ڪلب جي صدر لياقت علي انجم، سيڪريٽري خرم سعيد سميت 11 رڪني باڊي کان حلف ورتو.