اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته دهشت ۽ تشدد وارا منظر ٽي وي تي نه هلائڻ جي ضابطه اخلاق بابت پيمرا آرڊر تي ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن، ان آرڊ?? ۾ ??هشتگردي، ان کانپوءِ جا منظر، لاش، تباهي نه ڏيکارڻ جو چيو ويو آهي، ان حڪم جو بنيادي مقصد عوام کي خوف ۽ دهشت کان بچائڻ آهي، دهشتگردن جو اصل مقصد ۽ هدف عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ ئي هوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا ۾ اهي حدون مقرر آهن، هر ذميوار ادارو ۽ آرگنائيزيشن ا?? جي پاسداري ڪري ٿو، دهشتگردي جي ڪاررواي?? جي ڪوريج جو هڪ عالمي ضابطو آهي، اهو ملڪي قانون جو حصو آهي، پوري دنيا ۾ انهن ضابطن تي بنا ڇوٽ عمل ٿئي ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقع?? جي سڌوسنئون نشريات ڏيکارڻ سان دهشتگردن کي پڻ مدد ملي ??ي، آپريشن کانپوءِ جي حساس معلومات پڻ شرپسندن کي ملي ??ڃي ٿي. هن چيو ته اظهار جي آزادي جي حق کي مقدس سمجهون ٿا، ان حق جي لاءِ اسان سدائين جدوجهد ڪئي آهي، اظهار راءِ جي آزادي تي ٺاهه نه ڪندي قانونن تي عمل ڪنداسين.