اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبر اسلم ڀوتاڻي ملاقات ڪئي. اسلم ڀوتاڻي وزيراعطم کي پنهنجي تڪ گوادر، لسٻيلا ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوام کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪ??و. وزيرا??ظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم تڪ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان خاص طور تي گوادر جي ترقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ??وادر پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.