اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت جو عمران خان جي گرفتاري سان ڪو تعلق نه آهي، عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ??دا??ت جاري ڪيا، پوليس ??دا??تي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، دهشتگرد جٿا رياستي ادارن تي حملي آور آهن، سياس?? پارٽي جو ليڊر عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي لڪندو نه آهي پر سينو تاڻي گرفتاري ڏيندو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام گذريل ڪجهه مهينن کان هڪ تماشو ڏسي رهي آهي ته هڪ بزدل، فارن ايجنٽ، توشه خانه چور، گهڙيءَ چور، ٽيرين جو والد ۽ توهين ??دا??ت جو ڏوهاري پوليس کان ڀڄي رهيو آهي، هي شخص چوي ٿو ته آئون معذور ۽ بزرگ آهيان، منهنجي ٽنگ تي پلستر ۽ منهنجي جان کي خطرو آهي. ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ چوي ٿو ته هو تحريڪ جي لاءِ تيار ۽ ??دا??ت وڃڻ جي لاءِ بيمار آهي. هي منافق، بزدل ۽ ڪوڙو شخص آهي جيڪو پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو ۽ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته حڪومت ان کي گرفتار ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته حڪومت جو عمران خان جي گرفتاري سان ڪو تعلق نه آهي، جيڪڏهن حڪومت کي گرفتار ڪرڻو هجي ها ته رياستي طاقت به موجود هئي، اختيار به موجود هو جيڪو عمران خان گذريل چار سال پنهنجي سياسي مخالفن کي جيل ۾ وجهي استعمال ڪيو. هن چيو ته هي شخص رڳو ٻارن ۽ عورتن جي مورچي ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ انساني مورچي کي استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان فارن فنڊنگ، ٽيرين، توشه خانه، جج زيبا جي توهين ??دا??ت جي ڪيسز ۾ گهربل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي خبر هجڻ گهرجي ته جيڪو ڊڄي ويو اهو مري ويو، اهو شخص ليڊر ناهي هوندو جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي بنڪر ۾ لڪي ويٺل هجي. عمران خان جي سياسي موت ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته ميڊيا کي عمران خان جي گرفتاري جي حوالي سان اصل حقيقتون عوام کي ٻڌائڻ گهرجن. ??دا??تي حڪمن تي عملدرآمد ڪندي 65 پوليس آفيسر هن وقت تائين زخمي ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي فورس کي استعمال ڪري پنجاب پوليس جي اهلڪارن جا مٿا ڦاڙيا پيا وڃن، پوليس وٽ ڪو اسلحو نه آهي، پوليس ??دا??تي حڪمن تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پنهنجو پاڻ کي بهادر خان سڏرائيندڙ شخص اڄ کٽ جي هيٺ لڪي ويٺل آهي، هن کي ته ٻاهرئين سازش تي آمريڪا سان مقابلو ڪرڻو هو. هن چيو ته عمران خان ڏوهاري آهي، ان کي ??دا??ت طلب ڪري رکيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??دا??ت جيڪڏهن هن شخص کي ان وقت آئين شڪني تي گرفتار ڪري ها جڏهن هن بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي تحليل ڪئي هئي ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، ??دا??ت هن کي 25 مئي تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿي جنهن ڏينهن هن ملڪ ۾ افراتفري مچائي ۽ لاش ڪيرايا، ??دا??ت ان ڏينهن گرفتاري جو حڪم ڏي ها جڏهن پي ٽي آءِ جي هڪ عهديدار جي گهر جي ڇت تان پوليس اهلڪار کي گولي لڳي، ??دا??ت ان کي ان وقت گرفتار ڪري ها جڏهن هي شخص ??دا??ت تي جٿي سان گڏ حملي آور ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪا سياس?? پارٽي نه آهي، هي دهشتگردن جو ٽولو آهي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها اصل حقيقتون سامهون آڻي. هن چيو ته عمران خان جيڪڏهن فارن ايجنٽ نه آهي، خيرات جا پئسا سياست جي لاءِ استعمال ناهن ڪيا، مني لانڊرنگ ناهي ڪئي، شوڪت خانم اسپتال جا پئسا هائوسنگ سوسائٽيز ۾ ناهن لڳايا ته ??دا??ت ۾ جواب ڏي. هن چيو ته ??دا??تن کي سمجهڻو پوندو، اڄ عمران خان ??دا??تي حڪمن تي ??دا??ت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ۽ ان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ پاڪستان جي هر شهري جي لاءِ اها گنجائش فراهم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هڪ طرف عمران خان چئي رهيو آهي ته سندس گرفتاري معطل آهي گرفتاري نه ٿي ٿي سگهي ته ٻئي طرف هو گرفتاري وارنٽ تي انڊر ٽيڪنگ ڇو ڏئي رهيا آهن؟ هن چيو ته ميڊيا کي حقيقتون سامهون آڻڻيون پونديون، هڪ ڏوهاري مفرور آهي، دهشتگرد جٿا رياستي ادارن تي حملي آور آهن، ٻار ۽ ڪارڪن رستن تي رُلي رهيا آهن ۽ عمران خان بنڪر ۾ ويهي تماشو ڏسي رهيو آهي، ڪنهن سياس?? پارٽي جو ليڊر ائين نه ٿو ڪري سگهي، سياس?? پارٽي جا ليڊر ڇاتي تاڻي گرفتاري ڏيندا آهن. نواز شريف ۽ مريم نواز اهو ڄاڻيندي ته انهن جي خلاف ڪوڙا ڪيسز هئا، بهادري سان گرفتاري ڏني. هن چيو ته شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي به گرفتاريون ڏنيون ۽ اهو نه ڪيو ته جٿن سان گڏ حملي آور ٿي وڃن جڏهن ته ان وقت عمران خان جي حڪومت گرفتار ڪرائي رهي هئي. هن چيو ته اهو هوندو آهي سيسلين مافيا جيڪو سياس?? پارٽي جو نالو استعمال ڪري ٿو. عمران خان فارن فنڊنگ تي سياس?? پارٽي جو نالو استعمال ڪيو، مني لانڊرنگ ڪئي، اڄ هي پنهنجي ذات 7 چوري کي بچائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ سول وار ۽ گهرو ويڙهه چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان هڪ بزدل شخص آهي جيڪو پارٽي جي هيٺ لڪي تماشو ڏسي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته مون کي هي ماري ڇڏيندا. هن چيو ته عمران خان کي ??دا??ت طلب ڪيو آهي، ڇا توهان کي ??دا??ت ماريندي، توهان کي ??دا??ت کان خطرو آهي ته ثبوت ڏيو پر ڪوڙ نه ڳالهايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوليس جي رٽ کي جٿن جي ذريعي گلگت بلتستان جي فورس کي استعمال ڪري چئلينج ڪيو پيو وڃي، خيبرپختونخواهه ۾ جڏهن هن شخص جي حڪومت هئي ته هن اتان جي پوليس کي استعمال ڪري پنجاب ۽ وفاق جي پوليس تي حملو ڪيو. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي نالي سان گڏ خان نه لڳائڻ گهرجي، خان بهادر قوم هوندي آهي، هي اهو شخص آهي جڏهن دروازو کڙڪي ٿو ته پنهنجي ٻارن کي ٻاهر موڪلي ٿو ته ڏسو پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ ته ناهي آئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سياس?? پارٽي نه آهي، سياس?? پارٽي آئين ۽ قانون جي تابع هوندي آهي، عوام کي خبر پئجي وئي اهي ته عمران خان سياسي ليڊر نه آهي، هي گهڙيءَ چور انهن کي ليڊ نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي ته حڪومت کيس گرفتار ڪري رهي آهي، ميڊيا کي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن ته عمران خان کي حڪومت نه ??دا??تي وارنٽ تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، پوليس وٽ ڪو اسلحو نه آهي، جتي جٿا قانون جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا هئا، اتي شيلنگ ڪئي وئي آهي.