اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ مهارت تي ٻڌ?? ۽ فني تعليم کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته ملڪ ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻا?? اسڪولن کان ٻاهر آهن، اهڙن ٻارن کي ملڪ جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ انهن جي فڪري ۽ جسماني واڌويجهه جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صد?? اسلام آباد ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سين??ٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر زور ڏنو ته نيشنل اسڪلز يونيورسٽي کي مارڪ??ٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽين پاران شاگردن جي لاءِ ڪيريئر ڪونسلنگ جي ضرورت تي روشني وڌي ته جيئن انهن کي مناسب پيشن جي چ??نڊ ۾ مدد ملي سگهي. هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي انتظاميا کي چ??و ته گريجوئيٽس جي معيار ۽ مهارت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي ۽ عالمي فني تعليمي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار اجلاس کي ملڪ ۾ هنر تي ٻڌ?? تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت ٻڌايو. نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سينيٽ پاران وائيس چانسلر جي فيصلن جي توثيق ڪرڻ کانسواءِ سين??ٽ جي چ??ٿين اجلاس جي منٽس جي پڻ توثيق ڪئي. اجلاس ۾ مريدڪي شيخوپوره ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي قيام جي پڻ منظوري ڏني وئي.