اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) م??لم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي پ??ڪستان م??لم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خان مندوخيل کي پ??ڪستان م??لم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان م??لم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان م??لم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خا??ان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.