اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عملدرآمد تيزي سان جاري آهي، ٻوڏ متاثر آبادگارن جي سهولت ۽ مدد جي لاءِ حڪومت هر قسم جا قدم کڻي رهي آهي. پن??ن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن زرعي جنسن جي سمورن ڪارگوز جي 50 سي??ڙو حصي جي لاءِ گوادر پورٽ جي استعمال جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان جي ترقي لاءِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال ٿيڻ انتهائي ضروري آهي.