نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ ٽيم موڪ??ڻ تي فلسط??ن جي صدر محمود عباس جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اسان فلسطينين پاران ان جذبي کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??يراعظم شهباز شريف چيو ته فلسطينين پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ ريسپانس ۽ ريسڪيو ٽيم موڪلڻ محبت ۽ ٻڌي جي گهري ٻنڌڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.