صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ??وڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪندي چيو آهي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪيو وڃي، متاثر علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ??وڏ تي سياست نه ڪنداسين. وز??راعظم بلوچستان جي ??وڏ کان متاثر علائقي صحبت پور جو دورو ڪيو جتي کيس ??وڏ جي تباهين، متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جا??ي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته صحبت پور بلوچستان ۾ ??وڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي نقصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، متاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڍائي لک وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان کانسواءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جا??ي آهي. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کان وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پيناڊول ۽ مليريا جون دوائون موجود آهن هتي نانگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون جڏهن ته ان تي ضابطو آندو ويو آهي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جا??ي آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، مقامي ايم پي اي وز??راعظم جي آجيان ڪندي چيو ته هتي ماڻهن جا گهر ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بحالي جي حوالي سان مشڪلاتون به آهن. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته هنگامي امدادي ڪمن جي لاءِ وفاق کان وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بحالي جي حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون آهن جڏهن ته شهري علائقن ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي آهي. وز??راعظم ان موقعي تي متاثرين جي بحالي لاءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هداي?? ڪندي چيو ته وفاق کان جيڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ??وڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان آهي، ??وڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان کان وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي مشينري فوري طور فعال آهي، صحبت پور سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وز??راعظم چيو ته فوري طور تي هيليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون بوتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وز??راعظم چيو ته وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ??وڏ کان متاثر علائقن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.