واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آم??يڪ?? ۾ پاڪستان جي ??فير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ واري ص??رتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ عالمي برادري پاڪستان حڪومت کي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻوڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪستان ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستاني هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ عالمي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي ??وري ۽ ٻوڏ متاثر پاڪستاني عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي ??در رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيندڙ صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي ??ورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان کي متاثر علائقن جي ??حالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ??رورت پوندي، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي منهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي ??حفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي ش??بي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ??رورت آهي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي ??ڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ??رورت هوندي.