اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان توهان کي عوام جو سوچڻ جي لاءِ پنهنجي ”مان“ ۽ شهباز شريف جي سوچ کان آزاد ٿي??و پوندو، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ٻڏي ر??يا آهن ۽ عمران خان ورڇ ۽ انتشار پکيڙي ر??يو آهي، عمران خان 4 سال معيشت تباهه ۽ آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪري ها ته م??انگائي ۽ بيروزگاري نه هجي ها. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عوام هڪ فارن ايجنٽ، سازشي، ڪوڙي ۽ چور بابت مڪمل طور باشعور ٿي چڪي آهي، قوم جي شعور توهان کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو آهي، قوم جي شعور ڪارٽلز مافيا ۽ سازشي ٽولي کي پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو آهي. هن چيو ته قوم باشعور ٿي وئي، انهي لاءِ عمران خان جي ڪرپٽ ۽ ڪوڙي حڪومت ختم ٿي وئي، پنجاب ۽ خيبرپخونخواهه ٻڏي ر??يا آهن ۽ عمران خان ورڇ ۽ انتشار پکيڙي ر??يو آهي، ملڪ ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ”مان“ کان آزاد نه ٿي پيو ٿئي. هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪري ها ته اڄ مهانگائي نه هجي ها، عمران خان چار سال معيشت تباهه نه ڪري ها ته م??انگائي نه هجي ها، عمران خان 20 هزار ارب جو تاريخي قرض نه وٺي ها ته اڄ بيروزگاري نه هجي ها، عمران خان پنهنجو منهن پالش ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي لابي فرم جون خدمتون حاصل ڪيون آهن.