ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بين??ير انڪم سپور?? پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بين??ير انڪم سپور?? پروگرام 25 هزار في خاندان جي ما??ي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بين??ير انڪم سپور?? پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ مجموعي طور تي 19.74 ارب رپين جي ما??ي امداد ورهائي آهي. بين??ير انڪم سپور?? پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائين 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ ما??ي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي ما??ي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بين??ير انڪم سپور?? پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ متاثر جي ما??ي معاونت ڪئي پئي وڃي.