اسلام آباد -31 آگسٽ (اي پي پي) هاڻوڪين سانوڻي جي برساتن ۽ ملڪي سطح تي ٻوڏ جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پور?? ملڪ ۾ انسانيت جي تحفظ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. پاڪ فضا??يه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن (پفوا) هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناطي قدرتي آفتن دوران متاثرن جي مدد لاءِ انساني سرگرمين ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي. ان سلسلي ۾ پفوا جي صدر بيگم ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن ريجنل ايئر ڪمانڊز ۽ پفوا جي چيئر پرسنز سان گڏ پاڪ فضا??يه جي سڀني ايئر بيسز تي ضرو??تم??د ماڻهن لاءِ عطيا، ڪپڙا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون جمع ڪرڻ جي حوالي سان پاڪ فضا??يه جي سڀني ايئر بيسز جي مرڪزن تي پفوا رليف ڪيمپون قائ?? ڪيون آهن. پاڪ فضا??يه جي ترجمان مطابق پاڪستان ايئر فورس ويمن ايسوسيئيشن جي ڪوششن ۽ پاڪ فضا??يه جي عورتن جي ڀرپور شموليت جي نتيجي ۾ گڏ ٿيل عطئي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک 83 هزار 883 رپيا مالي امداد طور 7100 مردن جا جوڙا، 9700 عورتن جا ڪپڙا، 10500 ٻارن جي ڪپڙن کان علاوه 3400 گرم ڪپڙا، 1200 ڪمبل ۽ هڪ هزار بسترا شامل آهن. جيڪي پاڪ فضا??يه طرفان سڄ?? ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائ?? ڪيل فلڊ رليف ڪيمپن ۾ اماڻي پئي وڃي ته جيئن ضرو??تم??د ۽ متاثر ڪٽنبن تائين پهچائي سگهجي.