لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اي وي ايم جو تصور منهنجو آهي، موجوده حڪومت سان منهنجا سٺا لاڳاپا آهن، صرف 4 سمريون رد ڪيون، ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان اچڻ جي حوالي سان ڪا ر??ءِ نه ڏيندس، اطلاعن موجب ڳالهيون هلن پيون پر ان حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، سڀني سياسي ڌرين کي گڏجي ويهي معاملن کي نبيرڻ گهرجي، ملڪ جا سمورا ادارا احترام لائق آهن، تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکان. گورنر هائوس لاهور ۾ ناليواري ميڊيا پرسنز سان ڳالهائيندي هن چ??و ته ان ڳالهه ٻولهه جو مقصد موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال بابت تصديق ٿيل ر??ءِ حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي گرمي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ممڪن طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. هن چ??و ته کيس پاڪستان جي عوام پاڪستان جي صدر طور اها ذميواري ڏني آهي، ان حيثيت سان سندس ڪجهه اهم آئيني ذميواريون آهن. هن وڌيڪ چ??و ته ملڪ جي صدر جي حيثيت سان ملڪ جا سمورا ادارا سندس جي ل??ءِ احترام جوڳا ۽ عزيز آهن ۽ هو ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا ڪرڻ تي يقين نه ٿو رکي، مشاورتي عمل ذريعي بهتري آڻڻ جا ڪيترائي رستا موجود آهن. صدر چ??و ته سمورين ڌرين کي هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ل??ءِ ميز تي آڻڻ جي ل??ءِ مشاورتي عمل شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته صدر جو آئيني ڪردار انهن کي باضابطا طور تي ڌرين تائين پهچڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن وڌيڪ چ??و ته اها ايگزيڪيوٽو، اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر مخالف ڌر ۽ لاڳاپيل ادارن جي بنيادي ذميواري آهي ته اهي پولرائيزيشن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪن. هڪ ناليواري صحافي جي خيالن سان اتفاق ڪندي صدر چ??و ته سياسي پارٽين ۽ ڌرين کي خاص طور تي آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي انعقاد ۽ ميثاق معيشت تيار ڪرڻ جي حوالي سان ويهي اڳتي وڌڻ جي ل??ءِ هڪ متفقه رستو طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده سياسي پولرائيزيشن ۽ معاشي صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. صدر وڌيڪ چ??و ته هو سمجهي ٿو ته بدعنواني ڪنهن به ملڪ جي غربت جو هڪ وڏو عنصر آهي، بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته خاص طور تي سياسي پارٽين پاران عطيا وصول ڪرڻ ۽ انهن جو انتظام ڪرڻ سميت سموري مالياتي ڏيتي ليتي رسمي بئنڪنگ چينلز ذريعي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته رڳو پاڪستان جي اندر ڌرين کي ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ڪنهن ٻاهرئين ماڻهو يا ملڪ جي مداخلت کانسو??ءِ رڳو شامل ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سوشل ميڊيا هاڻي هتي رهڻ جي ل??ءِ آهي پر بدقسمتي سان اسان ان جا عادي نه آهيون ۽ ان تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي. ان ل??ءِ اسان کي سوشل ميڊيا ۽ ان تي ڇا ٿي رهيو آهي ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته سوشل ميڊيا جو 90 سيڪڙو سٺو آهي ۽ ڪيتري ئي معلومات فراهم ڪري ٿو جڏهن ته اسان کي جعلي خبرن ۽ افواهن کي فلٽر ڪري باقي 10 سيڪ??و کي منهن ڏيڻ سکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چ??و ته سندس موجوده حڪومت سان انتهائي خوشگوارا لاڳاپا آهن ۽ هن چار سمرين کانسو??ءِ جيڪي آئين جي دائري ۾ رهندي دير جو شڪار ٿيون سمورين سمرين جي وقت سر منظوري ڏني. هن چ??و ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ بعد ۾ ميان نواز شريف جي حڪومتن جي دوران به ڊگهي عرصي کان اي وي ايم جو بنيادي حامي هو ۽ اي وي ايم جو تصور منهنجو ئي ڏنل آهي، جنهن کانپوءِ مون ئي پي ٽي آءِ کي چونڊن دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي قائل ڪيو. اي وي ايم آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ جي ل??ءِ انتهائي آسان حل فراهم ڪري ٿي. هن چونڊ عمل دوران ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق ر??ءِ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان ملڪ ۾ جمهوري عمل کي سگهه ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته مفتي تقي عثماني جي ذريعي افغان حڪومت کي افغان شاگردن خاص طور تي شاگردياڻين کي ڊسٽنس لرننگ ۽ ورچوئل موڊ آف ايجوڪيشن ف??اهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هن چ??و ته مفتي تقي عثماني پاڪستاني طالبان سان ڳالهه ٻولهه دوران کين ٻڌا??و ته مسلمان دنيا جي سمورن آئينن مان اسلام جي ويجهو ترين آئين اسلامي جمهوريه پاڪستان جو آئين آهي. ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ طالبان جي اچڻ جي تازين اطلاعن تي تبصرو ڪندي هن چ??و ته سندس ان تي ڪا ر??ءِ نه آهي ڇو ته اطلاعات موجب ڳالهيون جاري آهن. هن چ??و ته سندس ر??ءِ آهي ته اهڙي قسم جي ڪنهن به ڳالهين کي پارليامينٽ پاران لازمي قرار ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن خوش آئنده نتيجي تائين پهچڻ جي ل??ءِ اعتماد ۾ وٺي سگهجي ٿو، نتيجن کي پڌرو ڪرڻ کان اڳ پارليامينٽ کي رپورٽ ڪ??و وڃي.