اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏيند??سي??، ??ڪو??ت مقامي آ??ادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ هر ??مڪ?? قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم جي آ??يان ڪئي ۽ وزيراعظم جو علائقي جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي لاءِ وزيراعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ??مڪ?? تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس ??ڪو??ت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آ??ادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي هر ??مڪ?? ڪوشش ڪندي. وزيراعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏيند??سي??. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي لاءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وزيرستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. وزيراعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.