اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي ??سيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعت??اد?? جي رٿ 174 وو??ن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قومي ??سيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ پاران باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اسپيڪر پاران استعيفيٰ جي اعلان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي ??سيمبلي اجلاس ۾ بي اعت??اد?? جي قرارداد تي وو??نگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعت??اد?? جي قرارداد تي وو??نگ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد تي وو??نگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي ??راني سان ڪئي وئي جڏه?? ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران خان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعت??اد?? جي قرارداد جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کان اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعت??اد?? جي رٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي خلاف پڻ مخالف ڌر جي بي اعت??اد?? رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پارٽي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران خان جي خلاف 8 اپريل تي بي اعت??اد?? جي رٿ قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعت??اد?? جي قرارداد مجموعي طور تي 174 وو??ن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي ??سيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اسپيڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ نئين اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اسپيڪر سان گڏ نئين ڊپٽي اسپيڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي ??سيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نز??ت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي حق ۾ وو??نگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ وو??نگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.