اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار ??اڪ??تان ?? هڪ محڪوم ??اڪ??تان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان همدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن، انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنج?? پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??اڪ??تان جي عوام انهن ماڻهن سان نفرت ڪري ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فو??د حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز الاهي سان نه ٺهي رهي آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار ??اڪ??تان ?? هڪ محڪوم ??اڪ??تان جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته ??اڪ??تان ?? ??اڪ??تان جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آزادي ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آزادي جو هي موقعو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه ويندي جيڪي پنهنج?? پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي ويندي.