اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته آئُون موسم خر??ب هجڻ جي ڪري ڪرم ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندڙ جلسي ?? شريڪ نه ٿي سگهيس، آئُون جل?? موقعو ملڻ تي ڪرم جو دورو ڪندس. ڪرم ۾ عام جلسي ?? موسم جي خرابي سبب دورو ملتوي ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ??ه آئُون ڪرم جي ماڻهن کان معذرت چاهيان ٿو، آئُون هيلي ڪاپٽر ۾ سوار ٿي چڪو هئس پر اسان جي پائليٽ ٻڌايو ??ه موسم اهڙي آهي جو هيلي ڪاپٽر اتي وڃي نٿو سگهي، جابلو علائقو آهي ۽ تيز هوا به هلي رهي آهي، ان لاءِ هيلي ڪاپٽر نٿو وڃي سگهي، ان لاءِ آئون توهان کان معذرت خواه آهيان ته آئون جلسي ?? شريڪ نه ٿي سگهيس پر آئون توهان کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، مون کي جڏهن به موقعو مليو ??ه آئون توهان وٽ ايندس ۽ توهان سان ڳالهيون ڪندس.