اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي بيوروڪريٽ تسنيم صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. صدر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي بيوروڪريٽ تسنيم صديقي کي غيرمعمولي شخصيت ۽ هيرو قرار ڏيندي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ??يو ۽ چيو ته ان جي گهرڀاتين ۾ سمورين ڪچي آبادين جا رهندڙ، غريب بي گهر بي زمين ماڻهو به ش??مل آهن جن جي لاءِ مرحوم ڀرپور ??ذبا ۽ سوچ رکندو هو. صدر چيو ته تسنيم صديقي واقعي هڪ ??ظيم انسان هو.