اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته طاقتور کي قانون جو تابع بڻائڻ جهاد آه??، انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو م??صد عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آه??، فوجداري قانون نظام ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ وڏو قدم آه??، حڪومت پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آه?? هاڻي عدليه ۽ وڪيل فوجداري قانونن ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪرائين، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو علاج جي مفت سهولت جي فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏنا پيا وڃن، اليڪشن ۾ اي وي ايم ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آه??ون، ريڪوڊڪ ڪيس سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آه??، اوورسيز پاڪستانيز ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي ڪري سيڙپڪاري نٿا ڪن، هنن ملڪ ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي ته ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو، اسلام واراثت ۾ عورتن جو حق مختص ڪري رکيو آه??، هاڻي اهو نٿو ٿي سگهي ته کين جائيداد ۾ حصو نه ملي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ ڪو به ملڪ ۽ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، اڄ تائين ڪنهن معاشري انصاف جي نظام ۽ قانون جي حڪمراني کانسواءِ ترقي ناهي ڪئي، اسان جي ملڪ ۾ انصاف جو نظام آهستي آهستي اهڙو بڻجندو ويو ته طاقتور ان مان فائدو کڻندو رهيو ۽ ان کي ڪو به پڪڙي نه سگهندو هو جڏهن ته عام ماڻهو سان جيلون ڀريل آه??، انصاف جو نظام ٺيڪ نه هجڻ جي ڪري قانون جي حڪمراني کي نقصان پهتو آه??. تعليم جو نظام به خراب ٿي ويو، ڪڏهن سرڪاري اسڪولن جو نظام تمام گهڻو سٺو هوندو هو ۽ مشهور دانشور ان مان تعليم حاصل ڪري نڪرندا هئا پوءِ ان سان گڏوگڏ پرائيويٽ ۽ انگلش ميڊيم اسڪول جو نظام به اچي ويو ۽ اتي هڪ اشرافيه تيار ٿيڻ لڳي جنهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ بهترين نوڪريون ملنديون هيون. اسان جي اسپتالن جي به اها ئي صورتحال رهي ۽ آهستي آهستي اسان جون سرڪاري اسپتالون به پوئتي رهجي ويون. امير طبقي جي علاج لاءِ نجي اسپتال موجود هئا جڏهن ته تمام وڌيڪ امير ماڻهو علاج ڪرائڻ ٻاهر هليا ويندا هئا، وزيراعظم چيو ته فوجداري قانونن ۾ سڌارا پهريون ڀيرو م??ڪي تاريخ ۾ ڪيا پيا وڃن، ضابطه ديواني ۾ پهرين اسان اهو ڪم ڪري چڪا آه??ون ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارن جو م??صد عام ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ طاقتور کي قانون جي تابع آڻڻ آه??.
وزيراعظم چيو ته مدينه جي رياست اها پهرين رياست هئي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انقلاب برپا ڪيو ۽ قرارداد مقصد جو ماڊل به مدينه جي رياست ئي هئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول هئا، هڪ فلاحي رياست جو قيام ۽ ٻيو قانون جي حڪمراني. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو يونيورسل هليٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي ۽ عام ماڻهو کي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيا پيا وڃن، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به اهڙي طرح جو نظام موجود نه آهي ۽ اهو فلاحي رياست جي قيام طرف هڪ وڏو قدم آه?? جڏهن ته فوجداري قانون ۽ نظام انصاف ۾ سڌارا قانون جي حڪمراني طرف هڪ اهم قدم آه??، هجرت مدينه کانپوءِ مسلمانن پهريان پنج سال ڪيترن ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو پر انهن پنج سالن ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ ڌار ڌار قانون هئا. هن چيو ته ليگل سسٽم ٺيڪ نه ٿيڻ سان قانون جي حڪمراني ممڪن نه آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آه?? ۽ سڌارن جو م??صد عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آه??، ان جو سڀ کان وڏيڪ فائدو عام ماڻهو کي ٿيندو، معاشري ۾ انصاف سان ئي ترقي ٿيندي، ڇاڪاڻ جو طاقتور کي چوري جي سزا ناهي ملندي ۽ ڪمزور ڦاسي ويندو آه??.