اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آب??دي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسي??ن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسي??ن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلا?? ۾ ??اڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آب??دي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي اسلام آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ۾ پاڻي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلا?? ۾ ??اڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي حوالي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلا?? ۾ ??اڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.