اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پا??ستان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي هُن پار نام نهاد ”لانچ پيڊز“ ۽ ”ٽرننگ“ ڪيمپن جي موجودگي بابت ڀ??رت?? آرمي چيف جي ڪوڙن تبصرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀ??رت?? جنرل جي بي بنياد الزامن ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي ڇو ته اهو پا??ستان جي خلاف پروپيگنڊا جو هڪ حصو آهي جيڪو ڀارت ۾ بي جي پي ۽ آر ايس ايس ڳٺ جوڙ جي ذريعي هلايو پيو وڃي. ڀ??رت?? حڪومت پنهنجي ويڙهاڪ ۽ توسيع پسنداڻي ايجنڊا ”اکنڊڀارت“ جي گمراهه ڪن تصور تي عمل پيرا آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، ترجمان چيو ته ڀ??رت?? آرمي چيف هندستان جي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي جاري آهي. پا??ستان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ف??ري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجا ظلم ۽ ستم کي روڪي ، ڪشميرن تي ظلم ۽ ستم کي ترڪ ڪري ۽ کين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ق??ار??ادن تحت ۽ ان جي ڪيل واعدن موجب حق خوداراديت کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏي، ترجمان چيو ته پا??ستان ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورا حل طلب تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهيون، تنهن هوندي به اها ذميداري ڀارت تي آهي ته هو ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.