اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي رابطن و??ري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته و??يراعظم عمران خان مريءَ ۾ سخت برفباري ۽ ناڪابندي جي ڪري پيش ايندڙ سانحي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، پاڪ آرمي، ريسڪيو 1122، هزاره ڊويزن ۽ راولپنڊي ڊويزن جي سمورن و??يلن کي متاثر علائقن کي کولڻ ۽ صاف ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي.