اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي نئين تنظيمي عهديدارن کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جنرل سيڪريٽري ا??د عمر، سنڌ جي علي حيدي زيدي، خيبرپختونخواهه جي پرويز خٽڪ، بلوچستان جي قاسم خان سوري، پنجاب جي شفقت محمود ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر خسرو بختيار تنظيمي معاملن کي بهترين انداز سان هلائيندا، وزيراعظم عمران خان پارٽي م??املن کي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي لاءِ اهو قدم کنيو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جنهن جي سمورين اڪائين ۾ نمائندگي آهي. سڄي ملڪ ۾ پارٽي ڪارڪن نئين قيادت کي م??بوط بڻائيندا. هن چيو ته انشاءَ الله خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي م??حلي ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.