اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان والاريل ڪ??مير جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندي چ??و آهي ته گڏ??ل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي پائيدار ??من جي لاءِ ضروري آهي، مسلمان امت پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مسلسل تائيد ساراهه جوڳي آهي، او آءِ سي، گڏ??ل قومن، عالمي تنظيمن ۽ ميڊيا نمائندن کي والاريل ڪ??مير ۾ پهچ ڏني وڃي ته جيئن عالمي نمائندا والاريل ڪ??مير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي آزاداڻي تحقيقاتي رپورٽ پيش ڪن، مسلمان امت اسلامو فوبيا سميت انتهاپسنداڻي نظرين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم جي خصوصي نمائندي يوسف الدوبي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت ۽ او آءِ سي جي وفد جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ??ي او آءِ سي جي اصولي موقف جي اهميت ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ مسلمان امت جي پرعزم حمايت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندي چ??و ته والاريل علائقي ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي مقرر آهن جيڪو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقو بڻجي ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو مقصد ڪشميرين کي راءِ جي حق کان محروم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪ??ڻ آهي ته جيئن ان علائقي کي هندو اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ڪ??ي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اهي غيرقانوني قدم گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. وزيراعظم او آءِ سي، گڏ??ل قومن ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي عالمي ميڊيا کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انساني امداد ۽ مدد فراهم ڪرڻ تي پڻ ز??ر ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا کي هوا ڏيندڙ انتهاپسنداڻي سياسي نظرين جي ڪري درپيش چئلينجز جي خلاف اسلامي دنيا کي مضبوط اتحاد پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي تڪرارن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پراڻن تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ ز??ر ڏنو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار ??و منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار ??من ۽ استحڪام جي لاءِ بنيادي شرط آهي.