اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي س??احتي مقام طور ترقي ??ٺر??ئي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊياونگ مان جاري بيان موجب نيوبالاڪوٽ سٽي کي س??احتي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ ??اء?? جابلو علائقن ۾ نوان سياحتي ماڳ تعمير ڪر?? رهي آهي ان مقصد ??اء?? سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ مشهور نجي س??ڙپڪارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) موڊيز تي متوجهه ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ نجي س??ڙپڪارن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??اء?? سمورا ضروري قدم کڻن. هن ڪي پي ڪي حڪومت کي هدايت ڪئي ته هو منصوبي کي ايرا کان وٺي هڪ سياحتي ماڳ طور تي مڪمل ڪر??، وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ ??اء?? پوکي هيٺ زمين جي منصوبي ۾ شامل نه ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نيوبالاڪوٽ سٽي کي ڊزائين- بلڊ- فنانس-آپريٽ اينڊ ٽرانسفر (DBFOT) موڊ تي س??احتي مرڪز طور ترقي ڏيڻ جي 19.5 بلين روپين جي منصوبي جي فزيبلٽي اسٽيڊي نيسپاڪ ۽ ڪي پي ايم جي مڪمل ڪر?? ورتي آهي. تجويز ڪيل پروجيڪٽ تحت ڪل 6753 مان 63 سيڪڙو رهائشي پلاٽ مقامي متاثرين کي الاٽمينٽ ??اء?? مختص آهن جڏهن ته باقي 2480 رهائشي ۽ 575 ڪمرشل پلاٽس کانسواءِ 800 اپارٽمينٽس نيلام ڪيا وڃن ته جئين ان منصوبي تي عملدرآمد ??اء?? فنڊز حاصل ڪر?? سگهجن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بنيادي طور تي نيو بالاڪوٽ سٽي جي ترقي وفاقي حڪومت بدران ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، ڪي پي ڪي حڪومت پهرين ئي ان مقصد جي ??اء?? زمين حاصل ڪر?? چڪي آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ( پي پي پي) تحت مڪمل ڪيل ان منصوبي ۾ يوٿ هاسٽل، ٿيم پارڪ، ڪيمپنگ گرائونڊ ۽ ٿري اسٽار هوٽل شامل هوندا، اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو موجوده سياحتي ماڳن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر حڪومت سان گڏ متوقع آمدني ورهائڻ جي نتيجي ۾ 7 بلين روپين کان وڌيڪ رقم به ڪمائيندو.