اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 19 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هز??ر 12 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آي??. م??ڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 49 سيڪڙو، ملتان 76 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان صوابي ۾ 63 سيڪڙو، بنون ۾ 67 سيڪڙو، گجرات ۾ 63 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 56 هز??ر 778 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هز??ر 225، پنجاب ۾ 18 هز??ر 399، خيبرپختونخواهه ۾ 12 هز??ر 207، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 135، بلوچستان ۾ 1289، گلگت بلتستان ۾ 544 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 969 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 12 هز??ر 236 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو ??ه مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 553 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 76 هز??ر 581 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 15 هز??ر 881 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 33 هز??ر 551، بلوچستان ۾ 32 هز??ر 671، گلگت بلتستان ۾ 10 هز??ر 204، اسلام آباد ۾ هڪ لک 3 هز??ر 549، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 69 هز??ر 972، پنجاب ۾ 4 لک 18 هز??ر 196 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 47 هز??ر 678 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 27 هز??ر 400 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هز??ر 210 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 12 هز??ر 319 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هز??ر 329 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 893 فوتگيون ٿيون. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ ڪل 344 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 182 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 727 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض ان وائرس سبب فوت ٿيا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا هڪ ڪروڙ 86 لک 82 هز??ر 730 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 5 هز??ر 590 مريض علاج هيٺ آهن