اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پ??رل??اماني وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصا??ي تعاون ۽ پ??رل??اماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيني?? چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سيني?? چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پ??رل??اماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سيني?? چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چونڊيل صدر لاءِ پ??ڪستاني قوم، پ??رل??امينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ?? چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پ??رل??اماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي ??ه درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.