اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان ??زيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان سان ??اڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجود?? ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان ج?? قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان ??زيراعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي ورجائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ مڪمل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.