اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ حڪومتي اتحاد جو اميدوار سينيٽر مرزا محمد آفريدي 54 ووٽ حاصل ڪري سينيٽ جو ڊ??ٽي چيئرمين چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ اميدوار 44 وٽ حاصل ڪيا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ جي 100 ميمبرن مان 98 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ميمبر اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن پاران معطل آهي جڏهن ته جماعت اسلامي جو سينيٽر مشتاق احمد خان غير حاضر رهيو. چونڊ عمل دوران سينيٽر ??امران مرتضيٰ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جڏهن ته سينيٽر هدايت الله مرزا محمد آفريدي جي پولنگ ايجنٽ جا فرض سرانجام ڏنا.