اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قو??ي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، ا??لاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، ا??د عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قو??ي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، ??زيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ا??لاس ۾ قو??ي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.