اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ۽ سڄي دن??ا جي مسيحي برا??ري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان تي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برا??ري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي فروغ ڏئي عوام جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برا??ري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ برقرار ۽ اڳتي وڌڻ ??ا موقعا ملندا رهن.