اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع جي لاءِ احساس ڪفالت جي ايندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ ج??ري ڪئي ويند??، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح سان سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط ج??ري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ۾ بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ و??ري ڊويزن پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ايم ٽي ايمز جي ذريعي رقم ڪڍرائڻ جي معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ايل برانچ جو دورو ڪيو، هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي اي ٽي ايم جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ جي طريقيڪار جي ب??ري ۾ ٻڌايو، ه?? ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ايڇ بي ايل ڪهڙي طرح غريب طبقي لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آهي.