اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بن??ادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، ??ديني جي رياست جي طرز تي معاشري جو ق??ام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، ??رانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ رياستي سطح تي توهين آميز مواد جي ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عيد ميلاد النبي صه جي مناسبت س??ن قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.