لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن ت?? گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ??وه??رين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪ?? ڏنو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ضرورت جي شي?? خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.