اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي ??عم??ر ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز ??ي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نم??ئن??گي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه ??ي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن ??ي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.