اسلام ??با?? – 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، ??ول??ءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جا??زو ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪ?? ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان انتظامن جو جا??زو ورتو ويو ??هي. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي اسپتالن تي پريشر وڌي رهيو ??هي. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي ??هي.