واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻ?? ا??ميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريع?? ا??هن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گه??را??ُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.