اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، معاشي استحڪام ۽ رليف جو سال قرار ڏيندي چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان 23 سال مسلسل جدوجهد کانپوءِ پاڪس??ان کي استحڪام پاڪس??ان جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آه??، هو روايتي سياستدان نه پر هڪ مقبول اڳواڻ آه?? جيڪو ذاتي فائدي بدران قومي مفاد کي ترجيح ڏيندي عوام جي خوشحالي ۽ آئنده نسلن جو سوچي ٿو، 2020ع وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام سان حاصل ٿيندڙ ثمر عوام تائين پهچائڻ جو سال هوندو، دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت تشخص ۽ روشن چهرو اجاگر ڪرڻ ۽ قومي بياني جي فروغ ۾ قومي خابرو ادارو ”اي پي پي“ اهم ڪردار رکندڙ آه??، عمران خان جي ويزن موجب اي پي پي کي اهڙو ادارو بڻائينداسين جو سڄي دنيا جا خابرو ادارا ان کي رول ماڊل قرار ڏئي ان جي تقليد ڪندا. هو نيشنل لائبريري ۾ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.