اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي ??اءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي ??ستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي ??اءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تازو ئي ترقي ما??يندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ترقي ما??يندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ما??يندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.