اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وزير ن??ار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان م??قع?? تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، و??يراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ??ين??و، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ??ين??ا.