اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته استاد جو معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي، تدريس اهو مقدس پيشو آهي جيڪو الله تعاليٰ پنهنجي نبين کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ عطا ڪيو. خاتم النبين حضرت محمد ﷺاستادن جي عزت ۽ احترام کي لازمي قرار ڏنو آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 5 آڪٽوبر ت?? گڏيل قومن جي اهتمام ه??ٺ سڄي دنيا ۾ مل??ايو ويندو آهي.