اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪر?? ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ويندي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽرول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ ک??ڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽرول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪ??اچ?? ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪ??اچ?? جي صورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي به حڪومت نه آهي، وزيراعظم عمران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپ??زپ??رٽي ڪ??اچ?? سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت ڪ??اچ?? جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪ??اچ?? ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪ??اچ?? جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آهن.