اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ادار?? جاتي سڌارا ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتح??ل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي ناڻي بابت ص??اح??ار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت ص??اح??ار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي ادار?? جاتي سڌارن بابت ص??اح??ار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري ص??اح??ار عبدالحفيظ شيخ معيشت جي صورتح??ل جو جائزو پيش ڪيو.