اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي منطق نرالي آهي، مسجدون کلڻ تي اعتراض ڪن ٿا پر پارليامينٽ کولڻ جي لا??ِ بي تاب آهن، شهباز شريف هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف کان نيب جي ٽي رڪني جاچ ٽيم جي سو??لن جا جواب ڏيڻ لا??ِ تيار نه آهي سماجي فاصلي تي اصر??ر آهي، ٻئي طرف سوين پارليامينٽرينز جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي، اجلاس گهرا??ڻ اسپيڪر جو استحقاق آهي حڪومت کي ڪو اعتراض نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته (ن) ليگي قيادت قول ۽ ف??ل جي تضاد جو زندهه مثال آهي.