اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ??را?? تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پ??ري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، پاڪستان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙي ۽ فوتگين جي شرح پڻ تمام گهٽ آهي، ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنٽونم??نٽ جنرل اسپتال راولپنڊي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.