اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته خطي ?? پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، انهي پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي حمايت لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غيرقانوني الحاق جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ??د ڪري ڇڏيو ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ??تم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو. هن عوام جي عزم کي ??اراهيندي چيو ته انهن جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد سڄي خطي لاءِ هڪ روشن اميد آهي.