اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شيءَ سان جوڙڻ انتهائي گهمراه ڪندڙ آهي، اها شيءَ ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قابل قبول نه آهي، پلوامه واقعي ۾ ڀارت کي نه رڳو منهن جي کائڻي پئي پر پوري دنيا ۾ خواري به کن??ي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستان جي عوام تي ڪيرائڻ آيو هئا اهي خالي جبلن تي اڇلي هليا ويا، پاڪستان اعلانيه هندستان کي ڏينهن جي ر??شني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو، الله جي نصرت سان اسان کي هندستان جي خلاف واضح فت?? نصيب ٿي ۽ پوري قوم جو سر فخر مان بلند ٿيو، پاڪستان جي فت?? کي سڄي دنيا ۾ به تسليم ڪيو ويو. هو آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ هنگامي پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪري ر??يو هو.