پشاور – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي اطلاعات ۽ عوامي لاڳاپن واري اداري جو اطلاعات جو ٺوس نظام ساراهه جوڳو آهي، اداري ۾ سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ اشتهارن جي آن لائن سسٽم کي متعارف ڪرائڻ وڏي ڪاميابي ۽ موجوده حڪومت جي ڊيجيٽلائيزيشن پاليسي کي مڪمل ڪرڻ طرف ??هم قدم آهي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي اطلاعات ۽ عوامي لاڳاپن واري اداري جي اطلاعات سيل جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري ارشد خان ۽ ??ائ??يڪٽر جنرل امداد الله پڻ موجود هئا.